ڊيره غازي خان – 05 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرين جي نقصانن جي ازالي لا??ِ گڏيل سروي جي ضرورت آهي ته جيئن حقدار کي ان جو حق ملي سگهي، ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ امداد انهن متاثرين تي خرچ ٿيڻ گهرجي، چيف سيڪريٽري متاثرين جون جائز ضرورتون پوريون ڪري، وفاقي حڪومت متاثرين جي مدد لا??ِ هر وقت موجود آهي. وزيراعظم ڊيره غازي خان، راجن پور ۽ لسٻيلا جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ڊيره غازي خان پهچڻ تي کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن، ريليف ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ فوتگين تي معاوضي جي فوري ادائيگي جاري آهي، فصلن ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصانن جي گڏيل سروي ڪنداسين. ان ڏس ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. جڏهن ته فوج جي مدد لا??ِ آرمي چيف سان ڳالهه ٻول??ه ٿي آهي. اهي به انهن جي معاونت ڪندا. ان گڏيل سروي جو مقصد اهو آهي ته حقدار کي ان جو حق ملي ۽ ڪو به حقدار ان کان محروم نه رهي. هن چيو ته گڏيل سروي تمام فائديمند هوندي، ان جي م??مل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس گهرائي انفراسٽرڪچر، روڊن، پلين، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جي ازالي لا??ِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته عوام جو پئسو ڪنهن جي جاگير نه آهي، اهو پئسو انهن تي خرچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لا??ِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت جي جذبي تحت پسند، ناپسند کان مٿانهون ٿي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. بريفنگ دوران وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو متاثرين جا جائز مطالبا حل ڪري. هن چيو ته سروي کي سياسي پسند ۽ ناپسند کان بچائڻ لا??ِ هر جڳهه تي گڏيل سروي جي هدايت ڪئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جا ميمبر ??ردار رياض محمود خان مزاري، اسلم ڀوتاڻي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز به وزيراعظم سان گڏ هئا. پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ??ويس لغاري به وزيراعظم کي متاثر علائقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي اتي ٻوڏ متاثرين جي جاري مدد تي تفصيلي طور تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب 104 فوتگيون ٿيون، فصل ۽ گهر تبا??ه ٿيا. وزيراعظم ڊيره غازي خان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات به ڪئي.