ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ??رقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس رکندڙ هن شهر جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري ??ي ضرورت آهي، واپاري ??رادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آ??ِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ 17 هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تازو ئي افتتاح ڪيل گرين لائين منصوبي بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته هي منصوبو هن شهر جي ماڻهن کي آرامده ۽ وقت جي بچت يرکندڙ سفري ??هول?? فراهم ڪندو. شهر ۾ پاڻي جي مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته ڪي فور منصوبي جو مقصد شهر جي روزاني پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي، اميد آهي ته اهو 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندو. صدر چيو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربي?? فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين مقصدن مان هڪ آهي ته جيئن روزگار ۽ ڪاروباري ??لاحيت کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي ۽ قرض جون سهولتون معتارف ڪرايون ته جيئن ٺوس ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي شعبي کي سهول?? فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا ڪيترائي موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صدر ڪاروباري ??رادري ??ي زور ڏنو ته اها چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آ??ِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. صدر تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي کي پاڪستان ۾ گئس جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ڪي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا واپاري ??رادري کي مڪمل تعاون ۽ حماي?? فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.