اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ص??ارت ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ اهم عالمي شخصيتن سان ٿيندڙ ملاقاتن تي بريفنگ ڏني. انهن م??اقاتن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي پا??ستاني موقف جي ڀرپور ترجماني ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پا??ستان افغانستان ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿو ته افغان عوام جي امنگن م??جب نمائنده حڪومت قائم ٿئي.