اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ??ما??ي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ??اڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بح??لي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلا??ات واري وفاقي وزير ??ما??ي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.