اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي پو??يو کان مڪمل ڇوٽڪارو ڏيارڻ اسان جو مشن آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جامع ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان کي پو??يو فري بڻائي سگهجي ٿو، ڪورونا وبا کي م??هن ڏيڻ جهڙي جذبي سان ئي پو??يو کي به شڪست ڏيڻي آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پو??يو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير عثمان بوزدار، سيد مراد علي شاهه، محمود خان، محمد خالد خورشيد، خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان آرمي جي انجنيئر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، صوبائي چيف سيڪريٽريز، صحت واري وزارت ۽ عالمي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حۡڪومتن جي م??ثر حڪمت عملي جي ڪري هن وقت تائين هن سال پوري م??ڪ ۾ بلوچستان مان صرف هڪ پو??يو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، ڪورونا وبا جي ڪري پو??يو جي روڪٿام واري م??م سستي جو شڪار ٿي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب ، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڃان به پو??يو وائرس جي م??جودگي جا ثبوت مليا آهن، اهو ٻڌايو ويو ته پهچ، سيڪيورٽي۽ والدين جي عدم تعاون جي سببن جي بنياد تي م??م ۾ وڏي تعداد ۾ ٻار پو??يو جي ڦڙن کان محروم رهجي ويندا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ جاگرافيائي انفارميشن سسٽم ۽ ٽريڪنگ استعمال ۾ آندو پيو وڃي، بل ۽ ملينڊا گيٽس فائ??نڊ??شن جي پوليو نگراني بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايليس حڪومت پاڪستان ۽ وزيراعظم کي پو??يو جي خاتمي واري م??م ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.