اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) و??ير??عظم جي ماحوليات ??ابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته ماحوليات ??ي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر آهي، پاڪستان 10 لک هيڪٽر ٻيلن جي بحالي جو دنيا سان واعدو ڪيو آهي ۽ ان چئلينج کي قبول ڪيو آهي، پاڪستان پاران ايڪو سسٽم جي بحالي جو فلسفو فطرت جو تحفظ ۽ ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ ماحوليات ??ي عالمي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو خاص مهمان و??ير??عظم عمران خان هو ۽ ان تقريب کي دنيا جي وڏن مل??ن جي سربراهن به خطاب ڪيو. ملڪ امين اسلم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي اهو اعزاز مليو آهي ته هو ماحوليات ??ي عالمي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن چيو ته ايڪو سسٽم جي بحالي سان ايندڙ 10 سالن ۾ رخ جو تعين ٿيندو، دنيا جيڪڏهن ان دوران پنهنجو رخ تبديل نه ڪيو ته مستقبل ۾ حالتون مختلف هونديو??. ه?? چيو ته اسان کي ماحول سان جنگ ناهي ڪرڻي پر ان کي پنهنجو دوست بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين 80 هزار ماڻهن کي گرين روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هن سال 2 لک جو وڌيڪ اضافو ڪنداسي??. ه?? چيو ته و??ير??عظم عمران خان جو 10 ارب وڻ پوکڻ جي ويزن تحت هڪ ارب وڻ لڳائي چڪا آهيو??. ه?? چيو ته پاڪستان دنيا جو 10 لک هيڪٽر وڻ لڳائڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي ان سان نه رڳو دنيا پر اسان جي ايندڙ نسلن کي به فائد?? ٿيندو ان پروگرام جي تصديق ٿي چڪي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 15 نوان قومي پارڪس ٺاهيا ويا آهن جنهن کانپوءِ هاڻي قومي پارڪس سروس جو آغاز ڪري رهيا آهيون ان تحت زيارت ۾ اڪيڊمي ٺاهي رهيا آهيون اتان کان تربيت حاصل ڪندڙ 15 هزار نوجوانن کي انهن قومي پارڪس ۾ روزگار ڏينداسين،