اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان اقتصادي مشاورتي ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ معاشي استحڪ??م ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. ه?? اها هدايت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وز??راعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وز??ر کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وز??راعظم چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آهي. وز??راعظم معاشي مسئلن جو ذڪ?? ڪندي چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي اتي معيشت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??راعظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مشاورت سان نه رڳو ??ال??سيون جوڙيون وڃن پر انهن ??ال??سين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.