اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري ??عاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط ب??ائڻو پوندو، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورتن جي محنت ۽ جدوجهد کي ماڊل طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري ??فاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري ??فاقي وزير زبيده جلال، يو اين وومين جي ??اڪ??تان ۾ ڪنٽري ??يڊ شرميلا رسول ۽ ??اڪ??تان ۾ يورپي يونين جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تقريب کي خ??اب ڪيو. تقريب ۾ پارل??ام??نٽ جي ميمبرن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مجموعي ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن جي حقن جا قانون ??اڪ??تان قائم ٿيڻ جي وقت کان موجود آهن تنهن هوندي به انهن تي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عورت جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنهن جي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورت جي صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، اسان کي هڪ صحتمند ۽ معياري ??عاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط ب??ائڻو پوندو. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي صحت جي مسئلن جي ڏس ۾ فوري طبي مشوري ??اءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان سان خاص طور تي انهن عورتن کي سهولت ملندي جيڪي مختلف سببن جي ڪري اسپتالن سان فوري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پنهنجي روين جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران قرضن جي واپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن جي سهولت لاءِ آسان قرض ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي تنهن هوندي به عورتن جي اڪثريت کي ان بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ جي ڪري اهي ان سهولت مان فائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.