اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصو??ي ماڻهو بي پناهه صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري سگهن ٿا، انهن سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ اسان سڀني تي لازمي آهي، اسان جي ٿورڙي ڌيان سان انهن جي زندگين کي خوشين سان ڀري سگهن ٿا. پارليامينٽ کي خصو??ي ماڻهن جي مسئلن جو اد??اڪ آهي انهي لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصو??ي ماڻهن جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي آهي، حڪومت خصو??ي ماڻهن جي ڀلائي، تعليم ۽ تربيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصو??ي ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو.