لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻارن ۽ عو??تن سان ز??اد??ين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته عو??ت ز??اد??ي ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ??ه ضرورت جي شين خاص طور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي ??وا??ي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.