اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪري، ??حتياط جيتوڻيڪ لازمي آهي پر ڊڄڻ جي قطعي ضرورت نه آهي، صحت جي عالمي اداري ڪرونا وائرس جي حوالي سان اسان جي ڪوششن کي ساراهيندي انهن کي دنيا ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئ??ٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪ??ونا وائرس جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن ج?? آئون پاڻ ذاتي نگراني ڪري رهيو آهيان ۽ جلد توهان سان مخاطب ٿيندس.