اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نئين پاڪستان ?? عوام ۽ هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي سان واڳيل ڪاروباري برادري جو سرمايو محفوظ آهي، حڪومت جا منصوبا جاري ٿيڻ کان مڪمل ٿيڻ تائين جي عمل تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا آهن انهن ذريعي عوام کي يقين ڏياريو ويو آهي ته توهان جي هڪ هڪ پئسي جا امين آ??يون، دوکيبازي، هيراڦيري ۽ ناانصافي کي روڪڻ، قانون کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، راڻا ثناءُ الله جون رڙيون ماڻهن ٻڌي ورتيون آ??ن. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پراپرٽي ايڪسپو 2020ع ج?? افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.