اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي ضلعي ڪچهري اسلام آباد ۾ بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو آهي، عدالتن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ان مشڪل حالتن ۾ ججن جي فرضن جي ادائيگي ۽ وڪيلن جو حوصلو قابل ت??سين آهي، دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻا ۽ مارچ ٿيندا رهندا آهن، اس??ن وٽ سياسي فن??ار ڪرپشن جي تحفظ لاءِ مارچ ڪري رهيا آهن، حڪومت جمهوريت دوست جو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مخالف ڌر جي ڪرپشن زده چهرن جي ايجنڊا ڏسڻي آهي، مارچ جي جمهوري حق کي عوامي مشڪلاتن ۾ اضافي لاءِ اس??عمال کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت معاهدي ??وجب مارچ جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وڌي، پسند واري جاءِ فراهم ڪئي، جڏهن ته پاڻي، بجلي سميت سموريون سهولتون به فراهم ڪيون، هو ضلعي عدالتن جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.