اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ رياست جي ذميداري آهي، 911 ايمرجنسي هيلپ لا??ن جي قيام سان سڄي ملڪ ۾ غريب ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ان سان شڪايت ڪندڙن کي فوري رليف ملندو، حڪومتي سطح تي ڏوهن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا جنهن سان حڪومت انهي حساب سان وسيلا مختص ڪري سگهندي، اهو هڪ مثبت قدم آهي جنهن کي ٻن سالن ۾ جامع ڪيو ويندو، هن ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته هتي اشرافيه لا??ِ هڪ ۽ باقي ماڻهن لا??ِ ڌار پ??ڪس??ان رهيو جتي صحت، تعليم، سميت ٻيون سهولتون رڳو اشرافيه کي ميسر رهيون، منهنجو سياست ۾ نظريو پ??ڪس??ان کي فلاحي رياست بڻائڻ هو. 911 ايمرجنسي هيلپ لا??ين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو عوام جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ ان جي مدد لا??ِ رياست کي ڪرڻ گهرجي. 911 سان شهرين کي ڪنهن به درپيش مشڪل ۾ اهو اعتماد حاصل هوندو ته رياست ان جي مدد ڪندي، پوري پ??ڪس??ان مان هڪ نمبر تي ڪال ڪرڻ سان ان مسئلي جو فوري حل ٿي سگهندو، هن چيو ته اهو هڪ نئون پروگرام آهي جنهن ۾ شروعات ۾ مسئلا ايندا تنهن هوندي به ان سان ماڻهن کي اهو احساس ملندو ته اهو پ??ڪس??ان سڀني لا??ِ آهي، اشرافيه لا??ِ هڪ ۽ عوام لا??ِ ٻي پ??ڪس??ان جو فرق ختم ٿيندو، ڪو به شهري ڪنهن به لمحي پنهنجي شڪايت ڪنهن به علائقي مان ان نمبر تي ڪال ڪري داخل ڪرائي سگهي ۽ رياست ان تي فوري جواب ڏيندي، اهو اسلامي فلاحي رياست طرف هڪ قدم آهي، ان پروگرام تي گهرو وزارت سميت سڀني محنت ڪئي آهي، سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ان جي ڪاميابي لا??ِ سمورن صوبن جو تعاون گهربل هوندو، اهو مجموعي طور تي پوري پ??ڪس??ان جو منصوبو آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ وفاق ۽ صوبا ڌار ڌار نظر ايندا آهن پر ان منصوبي سان اهي سمورا گڏ بيهي سگهندا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جو آغاز خيبرپختونخوا مان ڪيو ۽ سنڌ کانسواءِ پوري ملڪ ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويو جنهن سان 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر اچي سگهندي، غريب خاندانن ۾ بيماري هڪ وڏو مسئلو هوندي آهي، غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن لا??ِ هيلٿ ڪارڊ هڪ وڏي سهولت آهي، هاڻي اهي مهانگي کان مهانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته 75 سالن کانپوءِ اسان هڪ??هڙي تعليمي نصاب لا??ِ قدم کنيا آهن، شروعاتي طور تي پنجين درجي تائين هڪ??هڙو نصاب شروع ڪيو آهي، اهو ڪم 70 سال پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو تنهن هوندي به اسان آهستي آهستي ان کي مٿي تائين وٺي وينداسين، اشرافيه لا??ِ انگلش ميڊيم ۽ ٻين لا??ِ ٻيو تعليمي نظام ناانصافي جو نظام هو، وزيراعظم چيو ته اسان احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيا، گهٽ آمدني وارن لا??ِ پنهنجو گهر پروگرام شروع ڪيو، ڪاروبار لا??ِ قرض فراهم ڪيو، هن چيو ته اسان قانوني امداد جو پروگرام شروع ڪرڻ لا??ِ ڪوشان آهيون جتي فريادي کي وڪيل ڪري ڏيون. هن چيو ته پهرين فلاحي رياست ٺهندي آهي ته پوءِ ان جي برڪت مان پئسا به ايندا آهن، چين جو ماڊل اسان جي لا??ِ مثال آهي، چين 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي هيٺين لڪير کان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين گڏجي اڳتي وڌڻ جو سفر شروع ڪيو هو پر ڀارت ايليٽ ڪلاس جي ڪري پوئتي رهجي ويو، چين هن وقت دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت آهي، هو مديني جي رياست جي ماڊل جي پيروري ڪري رهيو آهي، هن چيو ته مديني ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انقلاب آيو، هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ جيستائين اسان ايليٽ سسٽم نه ٽوڙينداسين ته سمورين سهولتن تي انهن جو قبضو رهندو، 911 ان طرف اهم قدم آهي، اسان ان پروگرام تحت عام غريب ماڻهو کي بااختيار بڻائينداسين، ڏوهن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا، پوءِ حڪومت ان تحت وسيلا مختص ڪندي، اهو هڪ مثبت قدم آهي جنهن کي جامع ڪرڻ ۾ ٻن سالن جو وقت لڳندو، اها پ??ڪس??ان جي عوام لا??ِ هڪ وڏي سهولت آهي