اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ۽ پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي صدارت ۾ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو اجلاس هتي منعقد ٿيو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل کانپوءِ ايندڙ چونڊن لاءِ امي??وا??ن جي تعين ۽ ٽڪيٽن جي ورهاست جي حوالي سان معاملن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم عمران خان جي صوبائي صدرن کي درخواستن جي وصولي جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف وفاقِ پ??ڪس??ان جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول ترين پارٽي آهي، تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ نهايت تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، هن چيو ته بهترين امي??وا?? ميدان ۾ لاهينداسين ۽ ڀرپور طريقي سان اقتدار ۾ واپس اينداسين.