اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن، وفاقي حڪومت تمام سٺي آءِ ٽي پا??يس?? متعارف ڪرائي آهي، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جا سربراهه ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سوليوشن ان ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ 8 هين پاڪستان سي آءِ او سمٽ ۽ ايڪسپو 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته موجوده وفاقي حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي، آرٽيفيشل، انٽيلي جنس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 لک سائبر سيڪيورٽي پروفيشنلز جي ضرورت آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت هر انساني ڪوشش ۾ شامل هوندي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تمام و??ي ڊيٽا دستياب آهي پر ان جو تجزيو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته ٽئين صنعتي انقلاب دنيا جون حالتون تبديل ڪري ڇڏيون ۽ چوٿين صنعتي انقلاب ڊيجيٽل اڪانومي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي شڪل ۾ وڏي تبديلي آندي. هن چيو ته آءِ ٽي پا??يس?? ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ٻيون ڇوٽ واريون مراعتون ڏي ٿي. صدر چيو ته آئون پاڪستان جي مستقبل تي پڪو يقين ??کا?? ٿو، عورتن وٽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، عورتون گهر کان ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي ??دد ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪمائي سگهن ٿيون. هن چيو ته حڪومت روايتي ايڪسپورٽ کانسواءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي پڻ حوصلا افزائي ڪري ٿي. ??اڪ??ر عارف علوي چيو ته سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون آءِ ٽي جي انوينشنز ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر يونيورسٽين کي چيو ته اهي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پڙهائين. هن ان موقعي تي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.