اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ??يل?? پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ??يل?? پارلياماني ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ??يل?? پارلياماني ايسوسيئيشن جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ??ند?? ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پارليامينٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي مالي ۽ سماجي شموليت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ??ند?? صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ??يل?? پارلياماني ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي بااخيتار بڻا??ڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي به ساراهيو.