اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪاروبار ۽ ص??عت ۾ جدت لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروباري برادري معيشت جي ??رقي ۽ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، دنيا سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آه??، حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏنيون آهن جڏهن ته هو ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??هتمام هيٺ ايوارڊز جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??هديدارن، غير ملڪي سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي ??عبي کي جيتريون مراعتون ڏنيون آهن ايتريون ڪنهن ٻي شعبي کي ناهن ڏنيون ويون، آءِ ٽي انڊسٽري کي تربيت يافته افرادي قوت جي ??مام گهڻي ضرورت آهي، ماضي ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي وئي هئي جنهن کي موجوده حڪومت بحال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هيومن ريسورس جي کوٽ نه آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تقريب جي نتيجي ۾ اسان جي ماڻهن جو روزگار وڌندو. حڪومت نوجوانن کي ڊجيٽل اسڪلز طرف متوجهه ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تحت 22 لک نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جيڪا هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. صدر واپارين تي زور ڏنو ته هو ڪاروبار ۽ ص??عت ۾ جديديت تي سيڙپڪاري ڪن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي فائدو کڻي. صدر چيو ته موجوده حڪومت ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. حڪومت جي ??هتر پاليسين جي ڪري آبادگارن کي اضافي 1100 سئو ارب روپيا منافعو حاصل ٿيو آهي، ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت ۽ واپاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان قدم سان واپار ۽ انڊسٽري کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته هنرمند افرادي قوت جي ??ياري سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿيندو، آءِ ٽي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ حڪومت کي واپارين جو تعاون گهربل آهي، آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو وڏو ذريعو آه??، حڪومت نوجوانن جي فني تربيت لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ان قدم جو مقصد نوجوانن کي هنرمند ۽ معاشي طور تي پاڻڀرو بڻائڻ آهي. صدر چيو ته موجوده حڪومت آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ رڪارڊ مراعتن جو اعلان ڪيو آهي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي فوري حل کي به يقيني بڻايو آهي، ماضي جي ڪا به حڪومت موجوده حڪومت طرف واپاري برادري کي ڏنل سهولتن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بحال ٿيو ۽ ص??عتي شعبي تقريبن 900 ارب روپيا اضافي ڪمايا. صدر چيو ته آءِ ٽي جي ??عبي جي لاءِ ضروري آهي ته هو تعليمي ادارن سان تعلق پيدا ڪري ته جيئن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽ جي ??رورتن کي به پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته شاگرد حڪومت جي ??علان ڪيل ڊجيٽل مهارتن جي ڪورس ۾ شموليت اختيار ڪئي، فائدو کنيو ۽ ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ ڪجهه شاگرد تقريبن ڏيڍ لک ڊالر ڪمائي رهيا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر عورتن کي گهر ۾ رهندي ڪم ڪرڻ جي ??جازت ڏئي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن آءِ ٽي ڪمپنين تي زور ڏنو ته هو ان شعبي ۾ عورتن جي ??موليت جي ??وصلا افزائي ڪن، صدر چيو ته ڪو به ٻيو شعبو آءِ ٽي سيڪٽر جهڙو منافعو نٿو آڻي سگهي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، فارما ۽ آءِ ٽي جي ??نعتن ۾ متوقع چيني سيڙپڪاري کانپوءِ پاڪستان جو مستقبل روشن هوندو. ان کان اڳ صدر تقريب دوران آءِ ٽي منصوبن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي عورتن سميت ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ به ورهايا.