اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين ال??ه تعاليٰ کان دعا ??ئي ته مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ ??ي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي به اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي ال??ه تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ??ئي آهي.