اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چونڊيل عوامي نمائندن کي عوام سان رابطا مهم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي ??نتظاميه سان رابطو بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن فيض الله ڪموڪا، خواجه شيراز محمود، شوڪت علي ڀٽي، حيدر علي خان، ثناءُ الله خان مستي، محمد يعقوب شيخ، اورنگزيب خان ڪڇي ۽ جنيد اڪبر م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ عامر ڊوگر به موجود هو. م??اق??ت ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ پ??رٽي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي منصوبن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? و??ي. وزيراعظم عمران خان سمورن چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو نه رڳو عوام سان پنهنجي رابطا مهم تيز ڪن پر انهن جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ضلعي ??نتظاميه سان ڪوآرڊينيشن کي به بهتر بڻائين.