اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مريءَ ۾ سخت برفباري سبب قيمتي ??انين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ هن چيو ته ان قدرتي ??فت جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي ??انيون ضايع ٿيون آهن جيڪي انتهائي افسوسناڪ آهن. سينيٽ چيئرمين عملدارن تي ??ور ڏنو ته اهي رستن جي فوري صفائي ۽ ڦاٿل خا??دا??ن کي ڪڍن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان آفت جي متاثرين کي هر ممڪن ريليف ۽ مدد فراهم ڪئي وڃي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين محمد مرزا آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ متاثر خا??دا??ن سان تعزي?? جو اظهار ڪيو آهي.