اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب ??يو آهي ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ جي لاءِ موجوده حڪومت عملي قدم کنيا، اوورسيز پاڪستاني اسان جي مٿي جا موڙ آهن، انهن جي خدمت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير ??رخ حبيب ??يو ته حڪومت وراثتي سرٽيفڪيٽ جي عمل کي شفاف ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، ان سان اوورسيز پاڪستاني به فائدو کڻي سگهندا. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ موڪليا، جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. هن ??يو ته سمنڊ پار پاڪستاني سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميرين جو آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪس??ان ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندو رهندو. مملڪتي وزير ??رخ حبيب ??يو ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن ۾ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. مملڪتي وزير ??رخ حبيب ??يو ته ڪوويڊ 19 سان اسان جي معيشت تي چئلينج آيو، وزيراعظم عمران خان جي ڪامياب حڪمت عملي رهي، دنيا اسان جي حڪمت عملي کي ساراهي رهي آهي. اڄ پاڪس??ان ۾ صنعتون 100 سيڪڙو ڪم ڪري رهيون آهن، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، هائوسنگ جي شعبي ۾ 1000 ارب جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. گهٽ آمدني وارن گهرن جي لاءِ 260 ارب جون درخواستون مليون، 40 ارب فراهم ڪيا ويا آهن. هن ??يو ته ڪوويڊ 19، عالمي مهانگائي، ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿيڻ جهڙا چئلينجز درپيش رهيا. 7 ڪروڙ آبادي کي مفت ويڪسين لڳائي وئي آهي، 250 ارب جي ويڪسين خريد ڪئي وئي. هن ??يو ته سماجي تحفظ نيٽ ورڪ قائم، صحت انصاف ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو، 260 ارب رپين سان احساس پروگرام متعارف ڪرايو ويو ته جيئن غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي سڌي سنئين مدد ڪئي وڃي.