اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته صوابي ۾ پهريون ڀيرو تاريخي ترقي جي شروعات ٿي آهي جنهن جا ڏورس نتيجا ايندڙ نسلن تي پوندا، صوابي جي عوامي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان، سمورن مسئلن کي ترجيحي ??نيادن تي حل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنج پير صوابي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب دور??ن ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري آهي. باچا خ??ن ڪمپليڪس شاهه منصور کان ريفر ٽو پشاور کي ختم ڪيو ويندو ۽ عوام کي هر قسم جون صحت سهولتون پنهنجي ض??عي ۾ دستياب هونديون. اسپيڪر چيو ته صوابي ۾ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اس??ولن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي ??نيادن تي حل ڪيو ويندو.