اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غ??رم??مولي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سان ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان صوماليه سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته عوامي سطح تي ٺوس رابطا ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صومالي شاگرد پاڪس??ان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صوماليه سان سائنسي، فني، دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪس??ان نادرا جي ذريعي صوماليه جي قومي ڊيٽا بيس جي قيام سان گڏوگڏ فوجي تربيتي ڪ??رس?? ۾ پڻ معاونت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته اسان صوماليه سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه مح??ود قريشي چيو ته افغانس??ان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگ??ن ٿا. صوماليه جي پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غ??رم??مولي اجلاس جي اعليٰ انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي جا ٿورا مڃيا.