اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته عدليه ??ي حملو ڪرڻ، ججن تي الزام هڻڻ، وڊيو ٺاهڻ (ن) ليگ جي تاريخ رهي آهي، ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، چيف جسٽس جي سوموٽو نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، وزيرا??ظم عمران خان سان اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ۾ انهن جا خدشا ختم ڪيا ويا، سمورن اتحادين وزيرا??ظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو ??هي، پارليامينٽ جو گڏيل ا??لا?? اربع تي ??هرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ??هرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ وزيرا??ظم جو خاص معاون شهباز گل پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي الزامن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ??ه ڪيترو کل جوڳو لطيفو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان مون وٽ آيو، اسان چانهه پي رهيا هئاسين، اوچتو چيف جسٽس کي خيال آيو هن فون کنيو ??ه فلاڻي جج کي فون ڪريان. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه بدقسمتي سان ڪنهن جج جو نالو کڻي اخبار ايتري وڏي هيڊ لائين لڳائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو، اخبار اهو چيڪ ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ??ه جنهن جج جو نالو ورتو پيو وڃي اهو جج بئنچ ۾ شامل ئي نه آهي. هن چيو ??ه ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح ڪا خبر وڏي اخبار ۾ بنا ايڊيٽوريل نه ٿي لڳي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سو موٽو جي آجيان ڪندي چيو ??ه (ن) ليگ جي شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف سو موٽو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پوءِ عدالتن کي اسڪينڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي انهن ٻنهي ڄڻن کي به پنهنجي سوموٽو نوٽيس ۾ آڻڻ گهرجي، جڏهن ججن نوٽيس وٺي ڇڏيو هو ته انهن جو ڪم نه بڻجي ته اهي ان تي پريس ڪانفرنس ڪن. هن چيو ??ه وزيرا??ظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ??يم، مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي سميت سمورين اتحادي پارٽين جي قيادت ملاقات ۾ موجود هئي. اتحادين جا اعتراض تفصيل سان ٻڌا ۽ انهن کي ختم ڪيو ويو. سمورن اتحادين وزيرا??ظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادتت تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ??هي. هن چيو ??ه اهو فيصلو ٿيو ??هي ته پارليامينٽ جو گڏيل ا??لا?? اربع ڏينهن ٻه وڳي طلب ڪيو ويندو، اليڪٽورل ريفارم جا بل ا??لا?? ۾ پيش ڪيا ويندا، سمورا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.