اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري س??ئنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي ??عزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته محسن پاڪستان جي لاڏاڻي تي ڏک آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن انالله واناليه راجعون ??کندي چيو ته آئون ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي 1982ع کان ذاتي ??ور تي ??ڃاڻان ٿو. هن قوم جي تحفظ لاءِ ائٽمي هٿيار ٺاهڻ ۾ اسان جي بي مثال مدد ڪئي. صدر چيو ته بطور احسان مند قوم اسان ان حوالي س??ن سندس خ??متن کي وساري نه ٿا سگهون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي.