اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما پيپرز دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن جي ٻاهرئين ملڪ لڪايل اثاثن کي بي نقاب ڪيو، هاڻي چيو پيو وڃي ته آ??ي سي آئي جي جي هڪ ٻي تحقيق سامهون اچي رهي آهي، عمران خان امير ملڪن تي زور ڏنو آهي ته غريب ملڪن مان چوري ڪيل پئسو امير ملڪن ۾ لڪائڻ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاناما وا??گر پنڊورا ليڪس ۾ غريب ملڪن جو پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪرڻ جا تفصيل اچن ٿا ته ان سان وزيراعظم عمران خان جي موقف کي وڌيڪ سگهه ملندي. هن چيو ته ا??ان کي اميد آهي ته اها تحقيقات به پاناما تحقيقات وا??گر شفافيت جا نوان رستا کوليندي ۽ ڪرپشن جي حوصلا شڪني جو هڪ ٻيو ذريعو بڻجندي.