اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجو?? غي?? ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريا?? وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعا?? واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافين جي ??ڪرڻ جي حوالي سان اطلاعا?? واري وزارت جي ??دمن بابت بريفنگ ڏني. غي?? ملڪي صحافين جي ??اڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سهولتن جي ??راهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعا?? واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي ??يش نظر صحافين جي سهولت لاءِ اطلاعا?? واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سهولت خاطر ??طلاعا?? واري وزارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ??دمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.