مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن سڄي م??ڪ جي ڇوڪرين کي بهترين تربيت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي م??تظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبير آهي جيڪا هن قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز گائيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پن??نج?? صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي عالمي م??مبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌ??ڪ آهي، ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت سان انهن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شع??ن ۾ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي، انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ انهن جي اندر ??عت??اد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي م??هن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي روڪٿام جي حوالي سان تربيت فراهم ڪندي آهي.