اسلام آباد – 30 جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران سعودي سفير وزيراعظم عمران خا?? کي ولي عهد محمد بن سلمان پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جي موضوع تي ٿيندڙ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باضابطه دعوت ڏني. واضح رهي ته سعودي ولي عهد پاران مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو جو ا??لان هلندڙ سال جي آغاز ۾ ڪيو ويو هو، جي??و وزيراعظم پاڪستان جي ڪلين ۽ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبي سان هڪجهڙائي رکي ٿو. پاڪستان ۽ سعودي عرب ماحوليات ۾ تبديلي بابت پنهنجي حڪمت عملي ۾ هم آهنگ?? پيدا ڪرڻ لاءِ به هڪٻئي سان ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خا?? کي ان سربراهه اجلاس ۾ ڏني ويندڙ دعوت ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو ا??تراف آهي.