اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پر??يهي وزير فيصل بن فاران السعود چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو سعودي عرب جو دورو گڏيل لاڳاپن جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکي ٿو، وزيراعظم جو هي دورو شاندار آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا. پاڪستان ٽيليويزن کي وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي ??يادت جي ??چ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار ?? وسيع سهولتن تي ٻڌل اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهن ٿا، جيڪي قومي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دوري دوران ٻنهي ملڪن مسلمان امت سان لاڳاپيل ۽ گ??يل معاملن تي تعاون وڌائڻ ۽ گ??جي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.