لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٺوس حڪمت عم??ي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي جڏهن ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولو اينڊ ڪنٽري ??لب ۾ ماسٽر پينٽس جناح گولڊ ڪپ 2021ع جي فائنل مئچ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ڊائمنڊ پينٽس جي ٽيم کٽي ورتو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ٺوس حڪمت عم??ي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن. ??ن چيو ته ڪرڪيٽ ۽ هاڪي وانگر پولو جي فروغ جي لاءِ پڻ قدم کڻڻا پوندا.