اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي ??عل??م کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد ??عل??م جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن ??ي موجوده وقت جي چئلينجز ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي ??عل??م جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ??رڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ??رڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي ??عل??م جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي مختلف رخن ۽ صوفين جي ??عل??م کان روشناس ڪرايو وڃي.