اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان عا??ور جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام قا??م رکڻ تي قوم جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمر??ن خا?? چيو ته يوم عا??ور جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام برقرار رکڻ تي پوري قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو بدقسمتي سان ان دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون شر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون آهن، جنهن ان موقعي تي فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم عمر??ن خا?? چيو ته شرپسندن جي ان گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏيندي.