اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي م??قعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چيو ته اقليتن جي فلاح ۽ ڀلائي کانسواءِ مديني جي رياست ??و خواب ??ڌورو رهندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ان خواب کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.