اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪ??رونا وبا ۾ ڊاڪٽرز جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد مشڪل ڪم نه آ??ي، ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا. اسلام آباد ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل سان گڏ اين آءِ ايڇ ۾ نئين تعمير ٿيل آئيسوليشن اينڊ اسپيشل ڊپارٽمينٽ سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪ??رونا بابت صورتحال ۾ ترتيبوار بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 40 ڏينهن ۾ آئسوليشن ا??پت??ل مڪمل ڪئي وئي آ??ي، اسان جون تياريون مڪمل آهن، ايندڙ هفتي وزيراعظم آئسوليشن ا??پت??ل جو افتتاح ڪندو.