اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا و??ئر?? پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خل??ف ورزي تي سخت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قر??طينه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ??رق?? ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خل??ف ورزي ڪندڙن جي خل??ف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا و??ئر?? جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ قر??طنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.