اسلام ??با?? – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرا??ي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفي?? پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا و??ا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪرا??ي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.