اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد 20 مئي کان ايس او پيز ۽ سماجي فاصلي کي برقرار رکندي 15 ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سٺا نتيجا س??مهون آيا ته پهرين جون کان وڌيڪ ٽرينون هلايون وينديون، عوام کي اپيل آهي ته اهي مسافرن کي ڇڏڻ ۽ وٺي وڃڻ ??ي لاءِ اسٽيشنن تي نه اچن، ايس او پيز تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي ذميواري ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ تي ه??ندي. هو ريلوي واري وزارت جي ميدڊيا سينٽر ۾ ميڊيا بريفنگ ڏئي رهيو هو.