اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته (ن) ليگ ڪرونا وائرس جي وبا جهڙي حساس مسئلي تي به سياسي دڪان لڳائڻ کان پاسو نه ڪيو، وزيراعظم عمران خان طرفان عوام جي تحفظ، مفاد ۽ سلامتي لاءِ کنيل بروقت قدمن جي گواهي دنيا ??ئي رهي آهي، صحت واري عالمي اداري جو بيان ان جو چٽو ثبوت آهي، عوام جو درد ۽ احسا?? هجي ها ته آزمائش جي ان گهڙي ۾ ن ليگ جي قيادت پنه??جي وطن واسين سان گڏ بيٺل هجي ها.