اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو فروغ حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته اڏاوتن جي شعبي جي فروغ سان جتي ان شعبي سان واڳيل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪ??متن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سان لاڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي ممڪن حد ??ائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعبي جي فروغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت جي فراهمي جي حوالي سان حڪ??متي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.