خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر ??لائقن مان پاڻي ڪڍڻ ج?? لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ ج?? هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قومي خدمت آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ پير گڊو جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراعظم متاثر ??لائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر مل?? بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر ??لائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر ??لائقن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍڻ ج?? لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ ج?? ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر ??لائقن ۾ ڏينهن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.