اسلام آباد – 18 ن??مب?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيا?? موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا?? موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پاڪستان جي دفاعي مهارت ۽ تر??يت?? سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.