اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سي پيڪ علائقائي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ جو هڪ ذريعو آهي، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ رابطن کي اڳتي وڌائيندو، ان منصوبي سان چين ۽ پاڪستان کانسواءِ ايران، افغانستان، ڀارت، وچ ايشيائي رياستن ۽ خطي جا ٻيا ملڪ به لاڀ پرائيندا، پاڪستان خطي ۾ امن، ترقي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي ر??هداري بابت پارلياماني ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سي پيڪ جي حوالي سان منعقد بحث ??باحثي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، بحث ??باحثي جو عنوان سي پيڪ تحت سيڙپڪاري، واپار ۽ عوامي ر??بطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار آهي.