اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، مسلمان ملڪن کي متحد ٿي ڪري اولهندي ملڪن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي طرح جي قدمن سان سوا ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿيندي آهي، يورپ ۾ هولوڪاسٽ تي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، ماضي ۾ منصوبابندي نه ڪرڻ سبب ماحول تي منفي اثر پيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ قومي رحمت العالمين ﷺ ??ان??رنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ??ان??رنس جو موضوع ”ماحولياتي آلودگي ۽ اسان جي ذميداري“ هو. هن چيو ته اها ??ان??رنس هر سال منعقد ڪئي ويندي. پاڪس??ان?? عوام خاص طور نوجوانن کي حضور اڪرم ﷺ جي حيثيت بابت مڪمل آگاهي ڏيڻي آهي، حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت محمد ﷺ جهڙو عظيم انسان آيو آهي نه ئي ايندو، دنيا ??ي سئو عظيم شخصيتن ۾ حضور اڪرم ﷺ جو پهريون نمبر آهي. الله قرآن پاڪ ۽ حضور ﷺ جي زندگي جي ذريعي اسان کي راهه ڏيکاري، هن چيو ته ماضي ۾ اسان مستقبل جي منصوبابندي ناهي ڪئي، جنهن جا ماحولياتي صورتحال تي اثر پيا ??هن، اسان جي خطي ۾ ماحولياتي صورتحال سنگين آهي، گرمي جي شدت جي ڪري گليشيئر پگهرجي رهيا ??هن، موسمياتي تبديلين جي ڪري منفي اثر پئجي رهيا ??هن، هن چيو ته مسلمانن ايمان جي قوت سبب ڪاميابي حاصل ڪئي.