اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مو??روي ري??ٽ اي??ياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي مو??روي ري??ٽ اي??ياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ مواصلات واري و??ار??، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي مو??روي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته مو??روي ري??ٽ اي??ياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون مخصوص ڪيون وڃن، ٽيمون مو??روي ري??ٽ اي??ياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. مو??روي ري??ٽ اي??ياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، مو??روي ري??ٽ اي??ياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هني?? وڃن. سٽيزن پورٽل تي شڪايتن جي آگاهي بابت پڻ ري??ٽ اي??ياز ۾ قدم کني?? وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.