اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غريب، لاچار ۽ پٺتي پيل علائقن جي رهواسين کي ر??يف پهچائڻ وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي، حڪومت مشڪل حالتن ۾ قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وزيراعظم ج?? بلوچستان جو دورو پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ڪورونا جي خلاف جاري قومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ آهي، متحد ٿي چئلينج تي ضابطو آڻينداسين ۽ سرخر?? ٿينداسين.