اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فرودس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سموريون اتحادي پارٽيون ملڪي ترقي ۽ عوامي خوشح??لي جي قومي ايجنڊا تي متفق آهن، اتحاد ۽ يڪجهتي سا?? هر ??حا?? تي پاڪستان جي مفادن جي تحفظ ڪنديون، اتحادين کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي ترقي جو عمل انهن کي اعتماد ۾ وٺي مشاورت سا?? اڳتي وڌائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته موقف جي اختلاف تي مخالف ڌر ?? خوش ٿيندڙن جي اميدن تي هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ڦرڻ وارو آهي.