اسلام آباد – 27 – ??يب??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مر??ن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي بار پو?? ٿو، بيمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (??نا??ه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ??نا??ه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي مر??ن جي حوالي سان ??نا??ه جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مر??ن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پو??دي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، مسجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پو??دو، آگاهي پيغام وڏي پئماني تي ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ جديد پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين بابت آگاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان ??نا??ه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ??نا??ه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪري رهي آهي، ??نا??ه هيستائين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي سيشنز جو اهتمام ڪري چڪي آهي، ??نا??ه صحتمنداڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي بابت به آگاهي پيدا ڪري ٿي. وفد صدر کي ??نا??ه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي دل جي مر??ن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ??نا??ه جي ڪردار کي ساراهيو.