اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد ويجهو ڪجهه ڳوٺن جي گڏيل سروي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان جي نتيجن جي روشني ۾ سرحد کولڻ جو ف??صل?? ڪيو ويندو، ڀارت جو تيزي سان وڌندڙ ائ??مي پروگرام ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام ۽ پاڪستان جي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، علاج جي لاءِ ڀارت ويندڙ هر ميڊيڪل ويزا جي لاءِ پرڏيهي ??لا??ڪار جي سفارشي خط بابت ڀارتي قدم کل جوڳو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، رٽائرڊ ڀارتي فوجي اهلڪارن ۽ هندوئن کي والاريل ڪشمير ۾ زمينن جي الاٽمينٽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي، افغان مسئلي جو فوجي حل ممڪن نه آهي، رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار امن قائم ڪري سگهجي ٿو، انصاف عالمي عدالت کي ڀارتي را ايجنٽ جي ڪيس جي ٻڌڻي جو ڪو اختيار نه آهي، آمريڪا پاران اضافي فوج موڪلڻ جو مقصد افغان سيڪيورٽي فورسز جي ??لا??يتن ۽ فوجي تربيت ۾ اضافو ڪرڻ ??هي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا هفتيوار پريس بريفنگ دوران صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چئي.